ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ

ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ

ڦلو مل ميگھواڙ ڊاڪٽر

ڦُلو مل ميگھواڙ، ڊاڪٽر: محقق، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ جو جنم عمرڪوٽ شھر ۾، 3 نومبر 1982ع تي خاڪو ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو. بعد ۾ سندس خاندان عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ غلام نبي شاهه ۾ لڏي آيو، جتي ڦُلوءَ ابتدائي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نگرانيءَ هيٺ، ’ڍاٽڪي ٻولي، ڍاٽڪي لوڪ ادب، سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي اڀياس‘ جي عنوان تي پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن سنڌ اڀياس اڪيڊمي (زيبسٽ) ڪراچيءَ ۾ 2012ع کان 2015ع تائين ريسرچ ائسوسيئيٽ/ليڪچرر طور ڪم ڪيو. ان کان علاوه شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شاهه لطيف انسائيڪلو واري رٿا ۾ ريسرچ آفيسر طور خدمتون انجام ڏنيون. هو شاگردي واري دؤر کان لطيفيات ۽ ٻوليءَ جي موضوعن تي تحقيقي مقالا لکڻ سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ٿيندڙ قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پڙهندو رهيو آهي، جيڪي مُختلف تحقيقي جرنلن ۾ پڻ شايع ٿي چُڪا آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’نوري، ناري ۽ عدم‘ (ثقافت کاتو حڪومت سنڌ: 2017ع)، (2) ’سنڌي پھاڪا- لسانياتي ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس‘ (ترجمو: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2017ع)، ’شمس العلماء مرزا قليچ بيگ انٽرنيشنل ڪانفرنس جا مقالا‘ (’مرزا قليچ بيگ چيئر‘ 2009ع) وغيره شامل آهن. ڦلو ميگهواڙ ڪراچيءَ جي سچل ڳوٺ ۾ يونيورسٽيءَ سطح جي سنڌي شاگردن لاءِ ’سچل هاسٽل‘ ۽ پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ’شاھه لطيف ۽ سامي‘ هاسٽل جو بُنياد رکيو آهي. ڊاڪٽر ڦلو مل هن وقت شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظيرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.03  عيسوي

محقق، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ جو جنم عمرڪوٽ شھر ۾، 3 نومبر 1982ع تي خاڪو ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽائي شاهه عبداللطيف
اياز ڀاڳت
خميسو خان استاد
خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر
غلام فاطمه شيخ
آصف قاضي
سر شاهنواز خان ڀٽو
رشيد صديقي حافظ
للت دبي
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون